اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته اولهه دنيا خاص طور تي يورپ پاران اسان جي پياري نبي صه جي گستاخانا خاڪن ذريعي حملن ۽ اسلامو فو??يا جي وڌندڙ لهر جي ڏس ۾ مسلمان امت ۾ ڳڻتي وڌندي پئي وڃي، اولهه دنيا کي سمجهڻو پوندو ته مسلمانن کي برابر عز?? ڏيڻي آهي، اسان جي عقيدي ۽ پيغمبر اسلام جي شان ۾ گستاخي هرگز قبول نه آهي، مسلمان اڳواڻن کي اسلامو فو??يا جي خلاف اتحاد جو مظاه??و ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف مسلمان ملڪن جي سربراهن کي لکيل خط ۾ ڪيو.