اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بابا گرو ن??نڪ جي 551 هين جنم ڏهاڙي تي سک برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سک برادري سميت سڀني اقليتن جي مذهبي عبادتگاهن ۽ جاين جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ ياترين ل??ءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سک برادري جي ٻن مقدس جاين ننڪانه صاحب ۽ ڪرتاپور پاڪستان ۾ موجود آهن، جهڙي طرح مسلمانن ل??ءِ مڪي ۽ مديني جي اهميت آهي اهڙي طرح سکن جي لاءِ اهي ٻه مذهبي جايون تمام گهڻي اهميت رکن ٿيون.