اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير زرتاج گل چيو آهي ته گڏيل ??وم?? جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ ڪنوينشن پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج بابت ڊيٽا کي سائنسي لحاظ کان ڀارت جي مقابلي ۾ وڌيڪ قابل اعتبار قرار ڏنو آهي، موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان کي ??وڪ?? لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن ??وم?? اسيمبلي جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌائي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ??وم?? اسيمبلي جي ميمبر منزه حسن جي صدارت ۾ ٿيو. زرتاج گل چيو ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن ۽ گڏيل ??وم?? جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جي مدد کانسواءِ آلودگي جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج کي ??وڪ?? جا ٺوس قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 1994ع کان گڏيل ??وم?? جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جو ميمبر آهي، جنهن اسرندڙ ملڪن کي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي آڻ?? جي سلسلي ۾ مالي مدد، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ سگهه وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، مملڪتي وزير چيو ته گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان جي باوجود موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻ?? لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون.