اسلام آباد – 16 فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس تحت 87 هزار 833 اڪائونٽس کولڻ ت?? انهن جا ٿورا مڃيا آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ت?? سمنڊ پار پاڪستانين اسٽيٽ بئنڪ جي روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس جي حوالي سان ڀرپور دلچسپي جو مظاهرو ڪيو آهي، دنيا جي 97 ملڪن مان ان سلسلي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين 87 هزار 833 اڪائونٽس کولرايا آهن ۽ رڳو 5 مهينن جي عرصي ۾ پاڪستان ۾ 50 ڪروڙ ڊالر موڪليا وي?? آهن. وزيراعظم چيو ت?? سمنڊ پار پاڪستانين پاران رقم موڪلڻ جي تسلسل ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ رڳو گذريل 6 هفتن ?? 24 ڪروڙ 30 لک ڊالر ملڪ ۾ موڪليا وي?? آهن.