لاهور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ جو نه پر ملڪ کي مديني جي رياست بڻائڻ جي اصولن تي هلائڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اهو واعدو پورو ڪري ??يکاريندس، مديني جي رياست جو پهريون اصول انسانيت جي ڀلائي آهي ۽ معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي ذميداري رياست جي هوندي آهي، غر??ب ماڻهو جي مشڪلاتن کي ڏسي شوڪت خانم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي ڪري خيبرپختونخوا ۾ ??وا?? ٻيو ڀيرو اقتدار ڏنو ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني، پنجاب ۾ 50 لک خاندانن کي صحت انشورنس ڪارڊ جاري ??رڻ تي ڊاڪٽر ياسمين راشد کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اه??ن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ انصاف صحت سهولت ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.