اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت کي رياست جو مفاد سياست سان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ عزيز آهي، قومي بياني جون ڪوڙيون خب??ون رياست جي مفاد کي نقصان پهچائينديون آهن ۽ معاشري جي تباهي جو سبب بڻجنديون آهن، موجوده دور ميڊيا جو آهي، جنگيون ميڊيا جي محاذ تي وڙهيون پيون وڃن، سچ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ عالمن ک?? ڪردار ا??ا ڪرڻ گهرجي. هو معاشرتي سڌارن ۾ عال??ن ج?? ڪردار بابت تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.