اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب صوبي ۾ معياري ص??ت جي سهولتن ۽ اسپتال?? جي تعمير سان گڏوگڏ موجوده اسپتال?? جي بهتر انتظام ۽ انهن ۾ سهولت?? جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته اسپتالن ۽ خاص طور تي نئين قائم ڪيل ص??ت جي مرڪز?? جي انتظام کي جديد بنيادن تي ۽ منظم طريقي سان هلائڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ان سلسلي ۾ نجي شعبي جي حصيداري جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ ص??ت جي شعبي جي اپ گريڊيش?? جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۾ ص??ت جي شعبي جي بهتري ۽ اپ گريڊيشن خاص طور تي وفاق جي مدد سان ص??ت جي مخ??لف منصوبن تي عملدرآمد ۽ انه?? جي عوام جي لاءِ ثمرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ص??ت جي معياري سهولت?? جي فراهمي جي حوالي سان گوجرانوالا، لاهور، بهاولنگر، ليه، راجن پور، اٽڪ، ميانوالي، چڪوال جهڙ شهرن ۾ مخ??لف اسپتالن ۽ ص??ت جي جديد مرڪزن خاص طور تي ماءُ ٻار جي اسپتالن ۽ نرسنگ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي ج?? جي ڪل لاڳت 80 کان 90 ارب رپيا آهي. هلندڙ سال انهن تي اٽڪل 17 ارب رپيا خرچ ڪيا وي??دا جنه?? جي لاءِ وفاقي حڪومت جو تعاون گهربل آهي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ ص??ت جي معياري سهولت?? جي دستيابي خاص طور تي پنجاب جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ دستيابي کي نظرانداز ڪيو ويندو رهيو. هن چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت ص??ت جي مرڪزن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته ان شعبي ۾ سهولتون ناڪافي آهن.