اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبل?? دهشتگردي ??ي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته اسلام امن جو دين آهي، ان ک?? دهشتگردي ??ان نه ٿو ڳنڍي سگهجي، قانونسازي ۾ بنيادي ??نساني حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي ??ي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع غور هيٺ آندو وڃي. سيد نويد قمر چيو ته دهشتگردي ??ي صورتحال ۾ ملڪ تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. هي ب?? ڪالعدم تنظيمن بابت آهي جيڪو به پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهر اسلام جي نالي ت?? دهشتگردي ڪري ٿو، اسان سڀ ان جي خلاف گڏجي وڙهنداسين جڏهن ته جيڪو شخص دهشتگرد نه آهي اهو هن قانون جي زد ۾ نه ٿو اچي ته اسان کي هن قانون ۾ اهي شيون شامل ڪرڻ گهرجن جن سان بيگناهه متاثر شخص جي ب??يادي ??نساني حقن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي. خواجه محمد آصف چيو ته اسان جو مقصد پاڪستان جي شهرين جي ب??يادي ??قن جو تحفظ آهي. اسان پهرين به قانونسازي ۾ ان ڳالهه جو اصرار ڪيو ته مالياتي ٽرانزيڪشنز ۾ ڪنهن بزنس مين جو حق متاثر نه ٿئي. شاهه محمود قريشي چيو ته هتي مني لانڊرنگ رهي آهي اسان کي ??ن جو تدارڪ ڪرڻو آهي. قانونسازي متوازن ٿيڻ گهرجي. ميمبرن جون مثبت تجويزون شامل ڪيون وينديون. آئون قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هڪ طرف ماڻهو چئي رهيا هئا ته جيستائين نيب جو قانون نه ايندو ٻي قانونسازي نه ڪنداسين. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي چوڻ کان اڳ ئي اسان کي ??ها قانونسازي پاڻ ڪرڻي گهرجي ها.