لاهور – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي تي ??ڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس لاهور ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر، خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، صوبا??ي وزير فياض الحسن چوهاڻ، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، راوي فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جو چيئرمين راشد عزيز ۽ سينئر سرڪاري آفيسر شريڪ ٿيا. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ موجب راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي چيئرمين اجلاس کي منصوبي جي ٽائم لائنز، منصوبي ۾ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي گهري دلچسپي، انفرااسٽرڪچر جي حوالي سان ريگوليشن ۽ تنظيمي معاملن تي ??فصيلي بريفنگ ڏني.