اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان قطر جي سفير شيخ سعود بن ع??دالرحمان الثاني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي تعاون ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳا??ا آهن، پاڪستان سمورن شعبن ۾ قطر سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ حڪومت ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، سمورن ٻارن کي معياري تعليم حاصل ڪرڻ جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪجهڙي ??ومي نصاب تربيت ڏيڻ اس??ن جو مقصد آهي.