اسلام آباد-20 ڊسمبر (ا?? پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته واضح طور چوان ٿو ته عمران ??ان 5 سال پورا ڪندو ۽ معاشي حالتون بهتر ڪري قوم کي اڳتي وٺي ويندو جنهن کي لانگ مارچ ڪرڻو آهي ڪري وٺي، اسلام آباد اچڻو آهي ڀلي اچي اسين آجيان لاءِ تيار آهيون. اهڙو اظهار هن آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته آجياڻي واري ناشتي تي اوهان ??و دلي طور ٿورائتو آهيان، انشاءَ الله 70 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 23 ڊسمبر تي وزيراعظم پوليس لائنز ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. عمران ??ان ??و ڪريڊٽ آهي ته پوليس کي پهريون ڀيرو ايتري عزت ۽ـ مانُ مل?? پيو. هن چيو ته هڪ لک سُڃاڻپ ڪارڊ روز جاري ٿيندا ۽ پهريون مفت جاري ٿيندو. اسلام آباد ۾ 3 کان ??واءِ سموريون چيڪ پوسٽون ختم ڪ??ي ڇڏيون آهن، 23 ڊسمبر تي وزيراعظم فنڊ ڏيندو ته سموريون چيڪ پوسٽون ختم ڪ??ي ڇڏينداسين، سمورن تعلقن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ آفيسون کولي??ن وينديون جيڪي تعلقه رهجي ويا آهن اتي هر هفتي هڪ آفيس کولي ويند??. 10 ملڪن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊن ۽ پاسپورٽ جو انتظام آهي، سڄي دنيا ۾ پرڏيهي وزارت سان گڏجي سُڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو نظام بهتر ڪنداسين ۽ وڌيڪ آفيسون کولينداسين. هن چيو ته وزيراعظم مون مٿان ??عتماد ڪيو آهي، 100 ڏينهن ۾ گهرو وزارت ۾ تبديلي ايندي. اميگريشن، نادرا، پاسپورٽ، ايف آءِ اي سمورا ادارا قومي جي خدمت لاءِ هوندا.