اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته افسوس اڄ مريم نو??ز بهاولپور ۾ خطاب ڪندي اهو وسري وئي ته ان شاهي خاندان لاهور کي ٺاهڻ س??وارڻ جي نالي تي ڏکڻ پنجاب جي عوام جي فنڊن تي ڌاڙو هنيو، ڏکڻ پنجاب جي عوام تعليم، صحت ۽ روشني لاءِ ترسندي رهي جڏهن ته انهن جا سمورا وسيلا لاهور تي خرچ ڪيا ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڏکڻ پنجاب جا آبادگار ان شاهي ٽولي کان نفر?? ڪن ٿا، مسلم ليگ (ن) پنهنجي حڪومت جي دور ۾ انهن کي بک وگهي مرڻ تي مجب??ر ڪيو.