اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي مدد سان پاڪستان ۾ ڪيل دهشتگردي، ڪشمير ۾ ان جي ظلمن ۽ 15 سالن ??ان اسان جي خلاف برپا ان جي ڊس انفارميشن مهم جو پرد?? هٽي ٿي چڪو آهي، ڀارتي ميڊيا پاڻ مودي سرڪار سان ڳٺ جوڙ کي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان ڀارت جي جارحاڻي ارادن ۽ مودي سرڪار جي سفاڪيت تان پرد?? هٽائيندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم عمران خان چيو ته 2019ع ۾ جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ مون ٻڌايو ته سفاڪ مودي سرڪار بال??ڪو?? واقعي کي ڪيئن پنهنجي چونڊ فتح لاءِ استعمال ڪيو. هاڻي پنهنجي سياه ڪارين جي حوالي سان مشهور ڀارتي صحافي جي تازه ڪميونڪيشن سان مودي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا وچ ۾ ناپاڪ ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿيو آهي.