اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت ج?? فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۾ موجود غير ملڪي ص??اف??ن کي ڪڍڻ جي حوالي سان کنيل قدمن لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، اطلاعات واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير وزيراعظم کي افغانستان ۾ موجود ص??اف??ن جي نڪرڻ جي حوالي سان اطلاعات واري وزارت جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. غير ملڪي ص??اف??ن جي پاڪستان آمد ۽ انهن کي ويزه سميت ٻين سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني. اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي پيش نظر ص??اف??ن جي سهولت لاءِ اطلاعات واري وزارت ۾ خصوصي سيل قائم ??يو ويو آهي ته جيئن مليل درخواستن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي، وزيراعظم عالمي ص??اف?? برادري جي سهولت خاطر اطلاعات واري وزارت خاص طور تي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ميڊيا جي حوالي سان ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غيرجانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت ج?? فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.