اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مشهور ڪالم نگار، صحافي اجمل نيازي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪندي چيو آهي ت?? اجمل نيازي پنهنجي قلم جي ذريعي معاشري جي اصلاح ڪندو رهيو، صحافت جي شعبي ۾ اجمل نيازي جون خدمتون س??ائ??ن ياد رکيون وينديون. پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ت?? اجمل نيازي صحافت جو ??لمبردار هجڻ سان گڏوگڏ وڏي پاءِ جو ??اعر به هو. هن چيو ت?? اجمل نيازي پنهنجي ڪالم جي ذريعي سماجي مسئلا اجاگر ڪندو رهيو. الله تعاليٰ اجمل نيازي کي جنت نصيب ڪري ۽ وارثن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.