اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پ??لي?? جي خاتمي لاءِ صوبائي ۽ ضلع?? حڪومتن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن تائين پهچندڙ پ??لي?? ورڪرز قومي خدمت ??رانجام ڏئي رهيا آهن، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پ??لي?? ورڪرز جي لاءِ انعام ڏيڻ جو پلان جوڙيو وڃي، اسان سڀني کي گڏجي پ??لي?? جو خاتمو ڪرڻو آهي، ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون کي نظر ۾ رکندي ويڪسي نيشن مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پ??لي?? جي روڪٿام جي مهم جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو قومي صحت وارو خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ۽ اعليٰ عهديدار شريڪ هئا. جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونوا ۽ بلوچستان جا چيف سيڪريٽريز ۽ 30 کان وڌ??ڪ ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عالمي ادارن حڪومت پاڪستان جي ڪورونا ۽ پ??لي?? کان بچاءُ لاءِ موثر قدمن کي ساراهيو آهي. خيبرپختونخوا جي ڏکڻ ضلعن، بلوچستان جي ضلعي ڪوئيٽا، قلعه عبدالله ۽ پشين ۽ سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ گدلي پاڻي جي ذريعي پ??لي?? جي پکيڙ جو خطرو وڌيڪ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم صوبائي ۽ ضلع?? حڪومتن جي پ??لي?? جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پ??لي?? ورڪرز جيڪي ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن تائين پهتا آهن قومي خدمت ??رانجام ڏئي رهيا آهن جنهن جي لاءِ هو خصوصي تعريف جا مستحق آهن، هن هدايت ڪئي ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پ??لي?? ورڪرز ل??ءِ انعام ڏيڻ جو پروگرام جوڙيو وڃي. چيف سيڪريٽريز ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي پ??لي?? جي خاتمي جي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، وزيراعظم چيو ته گهٽ منتقلي وارا سيزن پ??لي?? وائرس جي خاتمي لاءِ موزون ترين وقت آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي پ??لي?? جو خاتمو ڪرڻو آهي، ضلعي انتظاميه پ??لي?? ورڪرز کي هراسان ڪرڻ يا انهن جي حملن جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جي ذميداري وٺي، ٻارن کي ڪيترن ئي مرضن کان بچاءُ لاءِ ٽڪن جي عمومي مهم ۽ پ??لي?? جي خاتمي جي مهم کي گڏوگڏ هلايو وڃي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جي پيش نظر ڪورونا جي خلاف ويڪسي نيشن مهم کي وڌيڪ وڌايو وڃي.