اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته عمران خان منهنجو اڳواڻ آهي، آئون وزيراعظم جي خلاف ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگهان. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دفاع واري وزير چيو ته آئون ٽي وي ??سي حيران رهجي ويس، مون گئس جي مسئلي تي ڳالهه ڪئي ۽ توانائي واري وزير سان ڳالهه ڪئي، اسان جو مقصد صوبي ?? گئس جي مسئلي جي حوالي سان هو. گئس جي اسڪيمن تي ڳالهه ڪئي ته اها رڪجڻ نه گهرجي، هن چيو ته آئون وزيراعظم جي خلاف نه آهيان ۽ نه ئي ٿي سگهان ٿو ۽ نه ئي ائين سوچي سگهان ٿو ان لاءِ اهڙيون گمراهه ڪندڙ خبرون نه هلايون وڃن.