اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي پنجگور حملي ۾ شهيد ٿيندڙ 8 جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ايوان ص??ر پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب صدر عارف علوي پنجگور شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي شهيدن کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي حوالدار نذير، لانس نائيڪ عظمت، لانس نائيڪ محمد عيسيٰ جي وارثن سان ڳالهائيندي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر سپاهي فرزند علي، سپاه?? عمر، سپاهي نويد جي پونيئرن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. ص??ر پونئيرن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ نائيڪ طاهر ۽ لانس نائيڪ بابر کي پڻ شهادت ماڻڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو.