اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان اڄ اربع تي ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م عمران خان اڄ ڪراچي جي دوري دوران ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت سان ملاقات لاءِ بهادر آباد ۾ واقع سندن هيڊ آفيس ويندو. ان کانپوءِ وزي??اع??م سنڌ صوبي ۾ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ عوامي نمائندن، پي ٽي آءِ جي چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ۽ پارٽي جي صوبائي ۽ ڊويزنل سطح جي قيادت سان ملاقاتون به ڪندو.