ماسڪو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??وس?? صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي م??سڪو پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي روس جي نائب پرڏيهي وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير م??دوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار م??يد يوسف ۽ عامر م??مود ڪياني وزيراعظم سان گڏ آهن. ??وس?? صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم عمران خان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپ??ءِ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي جيڪو روس جو دورو ڪري رهيو آهي. روس جي صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم جي ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان عالمي ۽ خطي جي م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وزيراعظم ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي م??جد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اهم ??وس?? قيادت بشمول نائب وزيراعظم، ??وس?? سيڙپڪار ۽ واپاري ملاقات ڪندا. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.