اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خ??ن ڪماليه جي دوري ۾ ڪماليه يونيورسٽي سميت مختلف منصوبن جي پ??ڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم عمران خ??ن ڪماليه، ضلعو ٽوبه ٽيڪ سنگهه جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. ڪماليه ۾ وزيراعظم راوي درياءَ تي پ?? جي تعمير جو افتتاح ڪيو. فتيانه پل ڪماليه ۾ روانگي واپار ۽ زرعي جنسن جي ملز تائين پهچ جي مسئلن جو خاتمو آڻيندي. ان کانسواءِ وزيراعظم ڪماليه يونيورسٽي جي پ??ڙهه جو پٿر ک?? رکيو. 2.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڪماليه يونيورسٽي جي تعمير ٻن مرحلن ۾ ٿيندي. 45 ايڪڙ تي ٻڌل ڪماليه يونيورسٽي علائقي جي نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪندي. يونيورسٽي جي تعمير سان علائقي جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ ۽ قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو اهم ۽ موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ملندي.