اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ه??ٺ آهي، اهو هڪ اهم ڪيس آهي، آرٽيڪل 69 چوي ٿو ته پارليامينٽ جا معاملا پارليامينٽ ۾ رهڻ گهرجن، جيڪڏهن اسپيڪر جي رولنگ غلط هئي ته به آرٽيڪل 69 ان کي تحفظ ڏي ٿو، اسان اهو مڃون ٿا ته ڊپٽي اسپيڪر ڪا به آئين ش??ني ناهي ڪئي، آئين جو حلف کڻي پارليامينٽ ۾ آيا ته آئين کي ڪڏهن به ٽوڙي نه ٿا سگهن، 73ع جي آئين ۾ آهي ته رياست جي ذميدارن جي پنهنجي ذميداري آهي، پارليامينٽ ۽ عدليه جي آئيني ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ خط جو معاملو بحث ه??ٺ آيو، مخالف ڌر جي ڪجهه ماڻهن ان خط کي جعلي چيو، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي گڏجاڻي کانپوءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، پرڏيهي آفيس کي ڊيمارش (احتجاجي خط) ڪرڻ جو چيو ويو هو، مخالف ڌر کي نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي لاءِ دعوت ناما موڪليا ويا هئا، مخالف ڌر کي شڪ هو ته اهي ??ومي سلامتي ڪميٽي ۾ اچن ها ۽ جواب گهرجن ها، اهو پروسيجر مڪمل ٿيڻو هو، ڊپٽي اسپيڪر انڪار نه ڪيو هو اهي ??اڻهو پاڻ نه بيٺا، ان صورتحال جي سامهون رکندي بي اعتمادي رٿ رد ڪئي وئي، نئين شيءَ جي سامهون اچڻ سان ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڏني جيڪي حقيقتون قومي سلامتي ڪميٽي جي سامهون اچي چڪيون اهي اهم آهن، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي اسان جي موقف جي تائيد ڪئي، شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ اڌ ڏينهن پهرين مريم نواز ۽ پيپلزپارٽي جي ڪجهه ميمبرن چيو ته خط من گهڙت آهي، اسان سمجهون ٿا ته اهو من گهڙت نه آهي، اهي ??اڻهو قوم سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، اهي ??نهنجي بوکلاٽ ۾ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ کي آئيني بحران ۾ وجهي رهيا آهن، ڪنهن کي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جو حق نه آهي اها گهڻي سنجيده صورتحال آهي، جيڪڏهن ايترو حساس معاملو آهي ته انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي وڃي. معاملي جي جاچ لاءِ هڪ جڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي، جڊيشل ڪميش ان نتيجي تي پهچي سگهي ??و ته حقيقتون ڇا آهن شاهه محمود قريشي چيو ته هن وقت اهم نقطو ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ آهي، معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي ه??ٺ آهي، اسان جا وڪيل اڄ پنهنجون دليلون مڪمل ڪري وٺندا، نعيم بخاري ۽ اٽارني جنرل پنهنجو موقف پيش ڪندا. آرٽيڪل 69 وڏو وا??ح آهي، اسان جو تجزيو اهو آهي ته آرٽيڪل 69 چوي ٿو ته پارليامينٽ جا معاملا پارليامينٽ ۾ ئي رهڻ گهرجن، اسان جو اهو به موقف آهي ته اسپيڪر جي رولنگ فائنل هوندي آهي، متحده مخالف ڌر جي تقاضا آهي ته ڊپٽي اسپيڪر آئين ش??ني ڪئي آهي، مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته ڊپٽي اسپيڪر آئين کان مٿانهو?? رولنگ ڏني آهي، پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته اسپيڪر وٽ رولنگ جو اختيار آهي، جيڪڏهن اسپيڪر جي رولنگ غلط هئي ته به آرٽيڪل 69 ان کي تحفظ ڏي ٿو، اسان ڄاڻون ٿا ته ڊپٽي اسپيڪر ڪا به آئين ش??ني ناهي ڪئي، آئين جو حلف کڻي پارليامينٽ ۾ آيا ته آئين کي ڪڏهن به نٿا ٽوڙي سگهن، 73ع جي آئين ۾ وا??ح آهي ته رياست جي ذميدارن جي پنهنجي پنهنجي ذميداري آهي، پارليامينٽ ۽ عدليه جي پنهنجي ذميداري آهي، هن چيو ته يوڪرين سان اسان جا لاڳاپا بهترين آهن اسان امداد به رواني ڪئي، اسان او آءِ سي جي اجلاس ۾ به چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي ??زير کي ان معاملي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ڏنو وڃي. پراسيس کي اڳتي وڌائڻ لاءِ چين به ان جي تائيد ڪئي، او آءِ سي اڳتي وڌندي ته چين به مدد ڪندو. شاهه محمود قريشي چيو ته ساڍا 3 سال متحده مخالف ڌر وارا راڳ ڳائيندا رهيا ته ملڪ کي نون چونڊون جي ضرورت آهي ??يپلزپارٽي پنج سال پورا ڪيا، مسلم ليگ (ن) پنج سال پورا ڪيا، اسان کي پنج سال پورا نه ڪرڻ ڏنا ويا، هن وقت سڀ عدليه جي فيصلي جا منتظر آهن، هن چيو ته واحد حل نئون مينڊيٽ آهي، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ملڪ جي واڳ ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ گهرجي.