لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي جنرل سيڪريٽري ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ سيد حسن مرتضيٰ چيو آهي ته ڪشمير اسان جو آهي ۽ سڄو اسان جو آهي، ڪشم??ر جي مڪمل آزادي تائين پاڪستاني قوم سک سان نه ويهندي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي ڏاڍ جا 1095 ڏينهن ڪشميرين کي انهن جي آزادي جي جدوجهد کان روڪي ناهن سگهيا، ڀارت کي آرٽيڪل 370 واپس لاڳو ڪرڻو پوندو. هن سوال ڪيو ته انساني حقن جون عالمي تنظيمون ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ تي ڇو خاموش آهن. حسن مرتضيٰ مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشم??ر جي مير صادق کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آن??و وڃي. هن جو چوڻ هو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو والاريل ڪشم??ر جو ڪيس هر جڳهه تي وڙهي رهيو آهي.