اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف ٻ??ڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين کي ??ڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ??وري طور تي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو وڃي ۽ متاثرين کي تنبو، کاڌي پيتي جي شين ۽ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم شهباز شريف متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين کي ??ڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ??وري طور تي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. و??ير??عظم حڪم ڏنو ته ٻ??ڏ متاثرين کي تنبو، کاڌي پيتي جي شين ۽ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ متاثرين کي ??وري طور تي 25 هزار رپيا في خاندان فلڊ ريليف ڪيش پهچائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻ??ڏ متاثرين جي مدد ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا غفلت ڪنهن به صورت ۾ نه آهي. هن هدايت ڪئي ته گڏيل سروي جي مڪمل ٿيڻ ۽ بحالي تائين ٻ??ڏ متاثرين جي فوري مدد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. و??ير??عظم ٻوڏ کان متاثر انفراسٽرڪچر کي ??تاثر جاين تائين امداد پهچائڻ جي لاءِ بحال ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. و??ير??عظم پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي، بلوچستان حڪومت ۽ منصوبابندي واري وزارت کي ??نگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي طرف و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو و??ير??عظم کي بلوچستان ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ کان نقصانن ۽ جاري ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.