اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ مت??ثرين جي امدادي شين تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ بابت ڪابينا جي فيصلي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. جاري ڪيل بيان ۾ اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڪابينا 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪس ڇوٽ ج?? منظوري ڏني هئي، ٻوڏ مت??ثرين جي مدد جي لاءِ مهارين، ٻيڙين سميت سمورين امدادي شين کي ٽيڪس کان ڇوٽ حاصل آهي. هن چيو ته ڪابينا جي 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪسن کان ڇوٽ ج?? منظوري تي فوري عمل ٿيو هو، ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر عملدرآمد جو ايس آر او پڻ جاري ڪري ڇڏيو هو. ضابطي تحت فلاحي ۽ سرندي وارن ڪم ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو پوندو.