اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سيڪريٽري پاور ڊويزن راشد محمود لنگڙيال جي هدايت تي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني لميٽيڊ (اين ٽي ڊي سي)، سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (سيپڪو) ۽ ضلعي ان??ظا??يه دادو ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 500 ڪي وي گرڊ ا??ٽيسن اين ٽي ڊي سي دادو ۾ خيمه بستي قائم ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير خيمه بستي جو دؤرو ڪيو. ترجمان اين ٽي ڊي سي مطابق مقامي ايم اين ايز، ايم پي اي ۽ مئنجينگ ڊائريڪٽر اين ٽي ڊي سي انجنيئر ڊاڪٽر رانا عبدالجبار خان پڻ ان سان گڏ هئا. هن ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ فلڊ امدادي سرگمين جو جائزو ورتو. اين ٽي ڊي سي، سيپڪو ۽ ضلعي ان??ظا??يه جي ٽيم وفاقي وزير کي بريف ڪيو ۽ فلڊ رليف ڪيمپ ۾ 100 ٽينٽ لڳايا پيا وڃن جيڪو 500 ڪي وي گرڊ ا??ٽيشن دادو جي رهائشي ڪالوني جي احاطي ۾ قائم آهي. رليف ڪيمپ ۾ رهندڙ ماڻهن کي کاڌو، دوائون، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون ضرورت واريون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت بي گهر متاثرن جي مسئلن کان پوري طرح واقف آهي ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ٻارن جي تعليم جو جلد ان??ظا?? ڪيو ويندو. سول ان??ظا??يه جي سفارشن مطابق خيمه بستي کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿ??. وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان 500 ڪي وي گرڊ ا??ٽيشن دادو کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بندن ۽ ٻين حفاظتي قدمن جو جائزو ورتو. هن ان سلسلي ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي پاڪ فوج، سول ان??ظا??يه ۽ اين ٽي ڊي سي جي ڪوششن کي ساراهيو.