اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي ترقي سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وز??ر ۽ ڊپٽي چيئرم??ن ا??ن ايف آر سي سي احسن اقبال اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ ا??ن ايف آر سي سي جي نيشنل ڪو آرڊينيٽر ميجر جنرل ظفر اقبال جي صدارت هيٺ ا??ن ايف آر سي سي جو اهم اجلاس منعقد ڪيو. فورم کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ جاري ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز جي باري ۾ آگا??ه ڪيو ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب ڪنهن جي به فوت ٿيڻ جا اطلاع نه مليا. ا??ن ايف آر سي سي مطابق فورم کي يونيسيف طرفان عطيو ڪيل امدادي سامان جي ب??ن الاقوامي اڏام ۽ ترڪيه مان آيل ٽرينن جي باري ۾ آگا??ه ڪيو ويو. فورم کي ٻڌايو ويو ته امدادي سامان آڻيندڙ 9 ٽرينن مان 6 ٻوڏ متاثرن ۾ ورهايون ويون آهن باقي 3 ٽرينن جو سامان اڄ لاهي متاثر علائقن ڏانهن روانو ڪيو ويندو. وفاقي وزير احسن اقبال هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ متاثر ٻارن ۽ کير پياريندڙ مائرن جي غذائي کوٽ جي حوا??ي سان صحت جي سنگين چئلينجن تي خاص توجهه ڏين. هن وبائي مرضن خاص ڪري مليريا ۽ ڊينگي تي ضابطو آڻڻ تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. فورم کي فلڊ ريسيلينٽ شيلٽر ماڊلز جي تعمير جي باري ۾ آگا??ه ڪيو ويو، جيڪي ماحول دوست آهن. چيئرم??ن اين ڊي ايم اي فورم کي ٻڌايو ته ٻوڏ جو پهريون مرحلو ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي بحالي جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي.