اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن ج?? خص??صي وفد جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ج?? دوري جي آجيان ڪندي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته قدرتي آفتن دوران ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان چيني ماهرن ج?? تجربو پاڪستان ج?? لاءِ مستقبل ?? به فائديمند ثابت ٿيندو. ??زي??اعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن ج?? خص??صي وفد چين ج?? ڊپارٽمينٽ آف فلڊ ڪنٽرول ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي ايمرجنسي ڪمانڊ واري وزارت جي آفيسر زو زيانگ بيانگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي ??زي?? احسن اقبال، شيري رحمان، خاص معاون ظفرالدين محمود، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ۽ اين ايف آر سي سي جي چيئرمين کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم چيو ته هو چيني وفد کي تجويز ڏي ٿو ته وطن واپسي کان اڳ پاڪستان حڪومت سان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ تعاون ج?? معاهدن تي صحيحون ڪري وڃن. هن پنهنجي ۽ سڄي قوم پاران مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد تي چيني قيادت ۽ چين ج?? عوام جا ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم چيو ته چين پاڪستان ج?? هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي، اهو پاڪستان ۽ چين ج?? پراڻن لاڳاپن ج?? عمده مثال آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون نئين چئلينج کي جنم ڏئي رهيون آهن. هن پاڪستان ۽ چين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين پاران ??زي??اعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيي تي ان جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ و??د وزيراعظم کي پنهنجي پاڪستان ج?? دوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته چيني وفد ٻوڏ بابت ماهرن تي ٻڌل آهي، جيڪو پاڪستان ج?? ٻوڏ متاثر علائقن خاص طور تي سنڌ جو دورو ڪري آيو آهي. وفد پاڪستان ۽ چين ج?? وچ ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ ان ج?? اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ پاڪستان کي ڊگهي، وچولي ۽ گهٽ مدي جي منصوبن تي فني معاونت فراهم ڪندو. چيني وفد لاڳاپيل پاڪستاني ادارن ۽ عملدارن سان تعاون ج?? لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيا آهن ۽ 21 آڪٽوبر تي اين ڊي ايم اي کي متاثر علائقن ۾ ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ تفصيلي پلان ۽ رپورٽ پيش ڪندو.