اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائنده وف?? ملاقات ڪئي ۽ حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد ج?? اظهار ڪيو. وف?? پاران حڪومت کي توانائي جي بچت جي مختلف قدمن تي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي وئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان جي موجوده معاشي ۽ ڪاروباري صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي 5 رڪني وف?? ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وف?? جي سربراهي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين محمد اورنگزيب ڪئي. وف?? حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد ج?? اظهار ڪندي وزيرا??ظم کي يقين ڏياريو ته پاڪستان بزنس ڪائونسل ملڪي معيشت جي مڪمل بحالي جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وف?? معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ مفيد تجويزون ڏنيون، جن جي آجيان ڪندي وزيرا??ظم چيو ته گذريل حڪومت جي مجرماڻي غفلت سان گذريل 4 سالن دوران ملڪي معيشت جي ناقابل تلافي نقصان پهتو. جڏهن اسان جي اتحادي حڪومت قومي خدمت جي جذبي تحت ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ملڪي معيشت تبا??ي جي ڪناري تي بيٺل هئي، اسان هر شعبي ۾ ڀرپور محنت ۽ لڳن سان ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ملڪي معيشت کي تبا??ي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو ذمو کنيو. وزيرا??ظم حڪومت جي ان عزم کي به ورجايو ته اها هر حال ۾ ڪاروباري طبقي جي تعاون ۽ عوام جي حمايت سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آڻيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وف??قي وزير محمد اسحاق ڊار، سيڙپڪاري بورڊ واري وف??قي وزير چوڌري سالڪ حسين، اقتصادي معاملن ڊويزن واري وف??قي وزير سردار اياز صادق، وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيرا??ظم جي خاص معاونين طارق باجوه، ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ايف بي آر جي چيئرمين عاصم احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.