ڪراچي – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب اتر بحيره عرب ۾ منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف تقريب جو خاص مهما?? هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا موجب تعليم ?? پيش??وا??اڻي تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، دفاع وارو سيڪريٽري، سنڌ جو گورنر ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ تقريب ۾ شريڪ هئا. مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ سروسز چيفس پڻ شرڪت ڪئي. بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جها?? تي اچڻ تي اميرالبحر وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم کي امن مشقن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب مشق ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن خاص مهمان کي سلامي پيش ڪئي. اٺين گهڻ گهڻ ملڪي ميري ٽائين مشق امن 23 6 ڏينهن تائين جاري رهي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي.