دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ??طن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اج??اس ۾ شرڪت ڪئي. هو قطر جي امير پاران ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪي سربراهن ۽ وزيرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شريڪ ٿيو. وزيراعظم سومر ڏينهن ڪانفرنس جي اج??اس کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري ۽ تعاون کي وڌيڪ ??ڌا??ڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قطر جي سيڙپڪاري بورڊ، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي سي اي او منصور ابراهيم ال محمود به وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت جي ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي مختلف تجويزن تي اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان جي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي م??قعن تي روشني وڌي وئي.