پشاور – 15 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي صوابي ۾ راشد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن صوابي جي علائقي عالم آباد ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پٺتي پيل علائقن ۾ اهڙي طرح جي آرگنائيزيشنز ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنديون. هن چيو ته عورتن جي تعليم انتهائي ضروري آهي عورتون پڙهنديون ته نئين نسل کي ماءُ جي هنج مان ??عليم سان ليس ڪندي، هتي هزارين ٻارن جي لاءِ تعليم جا دروازا کلي رهيا آهن، اسٽريٽ چلڊرنز کي به تعليم ڏيڻ گهرجي، ان ??ي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان ??ي ملڪ ۾ اڃا به تعليم جي شرح تمام گهٽ آهي، عمارت مان ??عليم حاصل نه ٿي ٿي سگهي ٽيچرز سٺا ۽ محنتي هجڻ گهرجن. خاتون اول چيو ته راشد ميموريل کي وڌيڪ ڳوٺاڻن علائقن تائين سگهه ڏيڻ گهرجي، عورتن کي تعليمي ۽ مالياتي لحاظ کان ??ودمختيار هجڻ گهرجي ۽ انهن کي تعليم سان ??ڏ هنر به سيکارڻ تي ڌيان ??يڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ٽيچرز جي تربيت تمام ضروري آهي ته جيئن اهي اڳتي ٻارن کي بهتر طور تي پڙهائي سگهن، ان ??ان ??ڏوگڏ استادن جي عزت به تمام ضروري آهي. هن چيو ته راشد ميموريل آرگنائيزيشن ٻارن جي تعليم سان ??ڏوگڏ ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن کي صحت جون بهتر سهولتون پڻ فراهم ڪري رهي آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪ??ي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته صوابي جي مقامي ڪميونٽي کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته اها راشد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيسن جو ساٿ ڏين ته جيئن اهي توهان ??ي ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ۽ انهن جي بهتر صحت ۾ توهان ??ي مدد ڪري. هن چيو ته اسان ??ي گڏجي هن ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان ??ه ترقي ڪريون ۽ اسان ??و ملڪ به ترقي جون منزلون طئي ڪري.