اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف ع??وي سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي شديد مذمت ڪندي چيو ??ه هن دردناڪ واقعي سان اربين مسلمانن جي جذبن کي تڪليف پهتي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر مملڪت چيو ??ه هر رياست کي اهڙي اسلامو فوبيا تي ٻڌل ڪارروائين جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ??ه هو هڪٻئي جي ??ذهبي عقيدن ۽ قدرن طرفان رواداري پيدا ڪرڻ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته انسانيت کي دنيا کي امن لاءِ متحد ڪرڻ ۽ اه??ي بي تڪي نفرت انگيز ڪارروائين کا?? اڳتي نڪرڻ جي ضرورت آهي.