اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته دشمن کان به پنهنجي بي مثال شجاعت ۽ بهادري جو اعتراف ڪرائيندڙ قوم جي هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي نالي سان ??نس??ب ايوينيو ج?? افتتاح ڪري وزيراعظم شهباز شريف شهيدن کي خراج عق??دت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته 9 مئي سانحي کانپوءِ اهو قوم پاران پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪندڙن کي پيغام آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي عزت ۽ تڪريم ڪريون ٿا.