اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي حمزه خان کي پاڪستان جي لاءِ پهرين عالمي اسڪوائش چيمپيئنشپ 2023?? کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي اسڪوائش ۾ اڃا تائين ب?? مثال بالادستي آهي. هن چيو ته مان ذاتي طور تي پنهنجي عظيم رانديگرن جون ڪيتريون ئي فائينل ڏٺيون آهن. هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ اسڪوائش ۾ اميد جو هڪ نئون ڪرڻو نظر آيو، ڏاڍو سٺو حمزه خان.