اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي ??ي ??ي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مستونگ ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪ??دي ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري مذمتي بيان ?? نگران وزيراعظم ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪن??ي فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. ه?? زخمين کي طبي امداد جي فراهمي جي هدايت ۽ انهن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.