ڄامشورو -06 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري وفاق?? وزير مدد علي سنڌي شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يو??يورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري جو دورو ڪري نئين تعمير ٿيندڙ بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. يو??يورسٽي پهچڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ا??ابيلا ڀٽو وفاق?? وزير جي آجيان ڪئي. وفاق?? وزير مدد علي سنڌيءَ پرفارمنگ آرٽ ۽ انٽيريئر ڊزائن ڊپارٽمينٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وائيس چانسلر کيس تعميراتي ڪم، ڊيزائن، لاڳت ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي وقت بابت بريفنگ ڏني. وفاق?? وزير، يو??يورسٽيءَ ۾ اي آر ناگوري آرٽ گيلري ۾ فائن آرٽ، ٽيڪسٽائيل ڊيزائن، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، آرڪيٽيڪچر ۽ سيرامڪس جي شاگردن پاران ??کيل نمائش جو معائنو ڪيو. هو شاگردن جي فن ۽ صلاحيتن کان ??يحد متاثر ٿيو. نمائش جي دوري کانپوءِ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ا??ابيلا ڀٽو، وفاق?? وزير کي يو??يورسٽي جي ڪاميابين، ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. مدد علي سنڌي معياري تعليم ۽ يو??يورسٽي جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو. وائيس چانسلر پاران وفاق?? وزير کي سووينئر، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاق?? وزير سان گڏ انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح، ڊائريڪٽر جنرل نيوٽيڪ عزيز الله چانڊيو، سينيئر صحافي نياز پنهور ۽ ٻيا گڏ هئا.