راولپنڊي-26 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو ته دانشورن ۽ سول سوسائٽي جي وڌيڪ ذميداري آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اسان جو عوام، خاص طور تي نوجوان نسل پاڪستان جي رياستي ادارن خلاف جاري پروپيگنڊا جي باري ۾ پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪن ۽ ان جو مقابلو ڪن، هر هڪ پاڪستاني جي حفاظت ۽ سلامتي انتهائي اهميت جي ح??مل آهي جنهن تي ڪنهن به قيمت تي سمجهوتو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف 25هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ??ندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو، جن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ان سان ملاقات ڪئي. شرڪت ??ندڙن کي بين الاقوامي، علائقائي سيڪيورٽي ۽ قومي سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ??ندڙن آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري) سان به ملاقات ڪئي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ۽ـ انٽيليجنس ادارا دشمن قوتن جي مسلسل ڪوششن باوجود دهشتگرديءَ جي لعنت جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري رهيا آهن. پاڪستاني عوام جي مسلسل تعاون سان انشاءَ الله ڪاميابي اسان جو مقدر هوندي. شرڪت ??ندڙن کي غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو، جن ۾ اسمگلنگ، بجلي چوري، منشيات جي پکيڙ، بارڊر ڪنٽرول جي قدمن ۽ـ پاڪستان مان غير قانوني پرڏيهين جي وطن واپسي شامل آهي. غير قانوني پرڏيهين جي وطن واپسي ۽ ملڪ بدريءَ جي موضوع تي آرمي چيف ڳالهائيندي چيو ته هرهڪ پاڪستانيءَ جي وفد ۽ـ سلامتي انتهائي اهميت جي ح??مل آهي، جنهن تي ڪنهن به قيمت تي سمجهوتو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. آرمي چيف معيشت جي بهتريءَ لاءِ کنيل ڪيترن ئي فعال قدمن جنهن ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آ??ِ ايف سي) جي نتيجي ۾ معيشت تي مثبت اثرن کي به اجاگر ڪيو. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج پاڪستان جي عوام جي بهتريءَ لاءِ رياست جي ٻين ادارن سان ملي مختلف شعبن ۾ قومي ۽ صوبائي سط?? تي پوري طرح مصروف عمل آهي. اسان هڪ مضبوط قوم آهيون جنهن امن ۽ استحڪام جي ح??صلات لاءِ ڪيترن ئي آزمائشن کي برداشت ڪيو. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي سالياني نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ مختلف مڪتب فڪر جا نمائندا شريڪ هوندا آهن. 25هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ پارليامينٽرينز، سول ۽ هٿياربند فوج جي سينيئر آفيسرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سميت 98 ڄڻا شرڪت ??ري رهيا آهن.