اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جي نائب وز??راعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجائيف عبدوخاڪو مووچ ۽ صنعت ۽ واپار واري وقتي افغان وز??ر نورالدين عزيزي واپار بابت پهرين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت واپار ۽ صنعت واري نگران و??اقي وز??ر ڊاڪٽر گوهر اعجاز ڪئي. ڳالهه ٻولهه جو محور واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڪسٽم جي طريقيڪار کي هموار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي آسان بڻائن جي ذريعي واپاري لاڳاپن جو فروغ رهيو. ترجمان چيو ته واپار واري نگان و??اقي وز??ر گوهر اعجاز اميد ظاهر ڪئي ته ٽه ڌريو تعاون ٽنهي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. ازبڪستان جي نائب وز??راعظم اسلام آباد ۾ نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ، واپار ۽ صنعت واري وز??ر، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري وز??ر، مواصلات ۽ ريلويز واري وز??ر، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وز??ر ۽ نيش??ل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وز??ر سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن جو محور واپار، رابطي، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ هو. ترجمان چيو ته افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وقتي وز??ر دوري دوران نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني سان ملاقات ڪئي. نگران پرڏيهي وز??ر افغانستان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي انضمام جي لاءِ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته سلامتي ۽ ترقي جي وچ ۾ تعلق تي زور ڏيندي نگران پرڏيهي وز??ر افغانستان پاران دهشتگرد گروهن خاص طور تي ٽي ٽي پي جي خلاف ٺوس ڪارروائي تي زور ڏنو. هن ان مقصد جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان تعاون جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو پڻ اظهار ڪيو ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ م??ئل?? جي حل لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.