اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلامي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي متحد ٿي ??سرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪ??ائ?? جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اماراتي سفير ابوظهبي ۾ ايندڙ ڪوپ – 28 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نگ??ان وزيراعظم کي باضابطا دعوتنامو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ڳالهين ۾ اهم ملڪن مان هڪ آهي ۽ گڏيل عرب امارات کي اميد آهي ته پاڪستان ڪوپ – 28 جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نگ??ان وزيراعظم گڏيل عرب امارات کي ان اهم عالمي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس جي ميزباني تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ٻطرفي تعاون تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگ??ان وزيراعظم ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وسيع تر رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ?? توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه دوران نگ??ان وزيراعظم اسلامي ملڪن تي زور ڏنو ته اهي متحد ٿي ??سرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪ??ائ?? جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين.