اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوا??ال??ق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي پڌرائي موجب نگران وزيرا??ظم انوا??ال??ق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ 28 هين گڏيل قومون ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي حوالي سان بين الوزارتي جا??زه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي، پرڏيهي معاملن، توانائي، موسمياتي تبديلي، منصوبابندي وارن نگران وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيرا??ظم چيو ته ماحولياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گذريل سال موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ٽيون حصو آبادي ٻوڏ کان متاثر ٿي، پاڪستان پنهنجي ماحولياتي سفارتڪاري سان عالمي ماحولياتي بحث ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته ڪوپ – 28 ۾ ڪلائميٽ فنانس ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي پاڪستان جو موقف بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ ادارا ڀرپور تياري ڪن. نگران وزيرا??ظم دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.