اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ”عوام جي خودمختياري جو عالمي حق حاصل ڪرڻ“ بابت پاڪستان جي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي. سڄي دنيا جي مختلف خطن سان تعلق رکندڙ ??لڪن جي هڪ وڏي انگ قرارداد ??ي حمايت ڪئي ۽ تعاون فراهم ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ماڻهن جي خودمختياري جو حق عال??ي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 1 ۽ شهري ۽ سياسي حقن ۽ اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حقن بابت معاهدن ۾ لکيل آهي. قرارداد ۾ غيرملڪي قب??ي، نئين آبادياتي ڏاڍ ۽ محڪوميت تحت رهندڙ ??اڻهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ غيرواضح حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. اها غيرملڪي قب??ي، مداخلت ۽ جارحيت جي سختي سان مخالفت ڪري ٿي ۽ ان جي ذميوار رياستن کان مطالبو ڪري ٿي ته اهي اهڙيون ڪارروايون فوري طور تي بن ڪن. قرارداد ۾ ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته نئين آبادياتي ۽ غيرملڪي ڏاڍ تحت سمورن ماڻهن جي خودمختياري جو عالمي حق حاصل ڪرڻ انساني حقن جي موثر ضمانت ۽ ان جي تحفظ ۽ فر??غ جي لاءِ هڪ بنيادي شرط آهي. پاڪستان چار ڏهاڪن کان ان فليگ شپ قرارداد کي اسپانسر ڪري رهيو آهي. اهو ساليانو قدم ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ والاريل فلسطين سميت غيرملڪي قب??ي جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل صورتحال ۾ رهندڙ ??اڻهن جي لاءِ اميد جو پيغام فراهم ڪري ٿو جن کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري ??ي حق کان محروم رکيو پيو وڃي.