اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نش??يات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته گلوبل هيلٿ س??ڪي??رٽي سمٽ 2024ع جو انعقاد پا??ستان جي لاءِ اعزاز جو سبب آهي. اها ڳالهه هن قومي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان به موجود هو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته گلوبل هيلٿ س??ڪي??رٽي سربراهه ڪانفرنس 10 ۽ 11 جنوري تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿي ر??ي آهي. هن چيو ته پا??ستان جي تاريخ ۾ اها ڪانفرنس پهريون ڀيرو ٿي ر??ي آهي، جيڪا پا??ستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها ڪانفرنس انسانن جي صحت بابت آهي. عوام جي صحت بابت مسئلا ئي اصل مسئلا آهن. ان موقعي تي قومي صحت واري نگران وفاقي وزير صحافين کي ڪانفرنس جي حو??لي سان تفصيلن بابت پڻ آگاهه ڪيو.