اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته ري??ست شهيدن جي پونئيرن کي ڪڏهن به نه وساريندي، دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن جي خلاف جنگ ۾ اوترو تيزي ايندي، دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي عزم کي هارائي نٿا سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ??نه??جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران چئي. اجلاس ۾ باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن تي حملي جي شديد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته ري??ست شهيدن جي پونئيرن کي ڪڏهن به نه وساريندي. شهيد پوليس اهلڪارن اسان جي ايندڙ سڀاڻي لاءِ ??نه??جو اڄ قربان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن جي خلاف جنگ ۾ ايتري تيزي ايندي. دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي عزم کي هارائي نٿا سگهن. هن چيو ته پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين پوليو خاتمو مشن ڀرپور طريقي سان جاري رهندو.