اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روس، اٽلي ۽ منگوليا سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ست??ن غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا فراهم ڪيا آهن، انهن کي پا??ست??ن جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار روس، اٽلي ۽ منگوليا جي نامزد سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ??لاقات ڪئي ۽ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پا??ست??ن ۾ روسي فيڊريشن جي نامزد سفير البرٽ پي خوريف سان ڳالهائيندي صدر پاران روس سان واپار، معيشت، سياحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئون سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. پا??ست??ن ۾ اٽلي جي نامزد سفير ماريلينا ارميلن سان ڳالهائيندي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن چيو ته اطالوي سيڙپڪارن کي پا??ست??ن ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته اٽلي ۾ رهندڙ پا??ست??ني اٽلي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن اطالوي سفير کي پا??ست??ني شاگردن کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ تيزي آڻڻ ۾ مدد ڪرڻ جو پڻ چيو. پا??ست??ن ۾ منگوليا جي غيرمقيم سفير تووشين بدرا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر نئي?? مقرر ٿيندڙ سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پا??ست??ن سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.