اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سوشل ميڊيا ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ وڊيو کي گمراهه ??ند?? قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته بيلٽ پيپرز م??ضي وانگر اردو الفابيٽ جي ترتيب سان پرنٽ ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪمي??ن مان جاري بيان ۾ ترجمان چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ هڪ وڊيو گمراهه ??ند?? آهي. واضح رهي ته هميشه اميدوارن جي انگ جي حساب سان بيلٽ پيپر سنگل، ڊبل ۽ ٽرپل ڪالم ۽ اردو الفابيٽ جي ترتيب ۾ پرنٽ ڪيو ويندو آهي ۽ هن ڀيري به انهي ترتيب سان پرنٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بيلٽ پيپر جي فولڊنگ ۽ اليڪشن جي ٻين مرحلن بابت معلوماتي وڊيوز اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ www.ecp.gov.pk ۽ يوٽيوب چئنل تي موجود آهن. ووٽرز کي سوشل ميڊيا ۾ گردش ??ند?? خبرن تي اعتبار ڪرڻ بدران معلومات لاءِ صرف اليڪشن ڪمي??ن مان جاري ڪيل آگاهي وڊيوز م??ن فائدو کڻڻ گهرجي يا ڪنهن شڪايت جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جي قائم ڪيل ڪمپلينٽ سيل تي 0151111327000 تي رابطو ڪن.