اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو پاڪست??ن جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي، سين??ٽ ۽ چئني صوبن جي چونڊيل ميمبرن آصف علي زرداري تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري وفاق جي مضبوطي جي علامت هوندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ م??ن جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آصف علي زرداري پاڪست??ن جي صدر طور پنهنجون آئيني ذميواريون بهترين طريقي سان سرانجام ڏيندو. آصف علي زرداري جو پاڪست??ن جي صدر طور چونڊجڻ جمهوري قدرن جو تسلسل آهي، اتحادي پارٽيون گڏجي پاڪست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ڪنديون.