مڪه مڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وف?? سان گڏ عمرو ادا ڪيو، ان موقعي تي بيت الله جا دروازا کولي وزيراعظم کي خاص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم پنهنجي سعودي عرب جي دوري ۾ سومر ڏينهن وف?? سان گڏ عمرو ادا ڪيو. هن ??ان?? ڪعبه جو طواف ڪيو ۽ عمري جا ٻيا فرض ادا ڪيا. وزيراعظم ??ان?? ڪعبه ۾ نفل پڻ ادا ڪيا، کيس بيت الله جا دروازا کولي خاص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوش??ال?? ۽ مسلمان ام?? جي يڪجهتي جي لاءِ خصوصي ??عا ڪئي. هن عالمي امن، سڄي دنيا جي مسلمانن خاص طور تي فلسطين ۽ ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي حق ۾ پڻ خصوصي ??عا ڪئي. وف??قي ڪابينا جا ميمبر ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.