اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قدرتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا آهن جن مان صحيح طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، قيمتي ۽ ناياب پٿرن جي صنعت جي فروغ جي لاءِ ضروري قا??ونسازي ۽ ويليو ايڊيشن جي حوالي ??ان تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پاڪستان ۾ جيمز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي جي حوالي ??ان اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ??ان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اڪثر علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا آهن، جن مان صحيح طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قيمتي پٿرن ۽ ان ??ان تيار ٿيندڙ مصنوعات جي عالمي سرٽيفڪيشن تي ڪم ڪرڻ ۽ عالمي نمائشن ۾ پاڪستان جي نمائندگي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جيمز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ جي حوالي ??ان قدم کنيا وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جيمز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي جي حوالي ??ان فوري ط??ر تي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وزيراعظم ان حوالي ??ان نجي شعبي جي ضروري مشاورت ۽ صوبن ??ان به رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم جيمز ۽ جيولري ڊپارٽمينٽ ڪمپني کي فوري ط??ر تي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪندي قيمتي پٿرن جي صنعت جي فروغ جي لاءِ ضروري قا??ونسازي جو عمل شروع ڪرڻ جي به تائيد ڪئي. هن هدايت ڪئي ته قيمتي پٿرن جي صنعت ۾ ويليو ايڊيشن جي حوالي ??ان تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن. اجلاس کي پاڪستان جي جيمز اسٽونز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي جي حوالي ??ان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قيمتي پٿرن جي حوالي ??ان خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ميپنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته جيمز ۽ ناياب پٿرن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي ??ان حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي.