اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت وزيراعظم ج?? منظوري سان عائشه رضا فاروق کي اعزازي طور تي وزيراعظم ج?? پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سندس مقرري فوري طور تي ڪئي پئي وڃي. عائشه رضا فاروق وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ تازه ترين صورتحال کان باقاعدگي سان آگاهه ڪندي جڏهن ته صوبائي، ضلعي ۽ وفاقي سطح تي نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران قدم کڻڻ بابت وزيراعظم کي مشاورت پڻ فراهم ??ندي. عائشه رضا فاروق پوليو تدارڪ جي حوالي سان قومي ٽاسڪ فورس جي باقاعده ميٽنگ م??عق?? ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ??ندي ۽ پوليو جي خاتمي جي مهمن جي نگراني سان گڏوگڏ سمورين ڌرين بشمول عالمي حصيدارن کي رهنمائي فراهم ??ندي ته جيئن مهم ج?? ڪوريج کي بهتر بڻائي سگهجي. عائشه رضا فاروق پوليو تدارڪ پروگرام ج?? مرڪزي سطح تي سمورين سرگرمين جي رهنمائي ڪندي. ماهوار ۽ هفتيوار نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاسن جي صدارت ڪندي. پوليو تدارڪ جي حوالي سان نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر سان گ??جي قومي ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. عالمي ترقياتي حصيدارن ۽ ٻين عطيو ڏيندڙ تنظيمن سان پوليو تدارڪ جي لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون م??عق?? ڪندي ۽ نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت سان ويجهي رابطي ۾ ڪم ڪندي ۽ پوليو بابت مسئلن جي خاتمي لاءِ وقت سر ۽ موثر ڪردار ادا ڪندي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت مٿي ڄاڻايل ٽي او آرز تحت سندس مقرري جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.